سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام زراعت، خوراڪ ۽ چوپائي مال بابت ٻن ڏهاڙن واري ٽين عالمي ڪانفرنس

ٽنڊوڄام(پريس رليز)سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام زراعت، خوراڪ ۽ چوپائي مال بابت ٻن ڏهاڙن واري ٽين عالمي ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي، جنهن جو افتتاح صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ڪيو، جڏهن ته چائنا، جرمني، مليشيا ۽ آمريڪا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل سربراهن، ماهرن ۽ تعلميدانن شرڪت ڪري رهيا آهن، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته دنيا زرعي، انجنيئرنگ، ماحوليات، گلوبل وارمنگ، موسمن جي تبديلي جي حوالي سان فڪرمند آهي ته اتي ڳوڙهي تحقيق جو به رجحان آهي، هن چيو ته اسان وٽ تمام گهڻا وسيلا آهن ۽ ان تي وڌيڪ تحقيق ۽ ڌيان جي گهرج آهي، جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پنهنجي حصي جو ڪم بهتر نموني سان ڪري رهي آهي، هن چيو ته يورپ، آمريڪا ۽ ٻين هنڌن تي مختلف جان وٺندڙ وبائي مرضن جنم ورتو پر اتي ڪيل تحقيق سان اهڙين بيمارين جو نالو نشان مٽايو ويو، هن چيو ته وڌندڙ آبادي سبب بک بدحالي جي امڪانن خلاف خوراڪ جي تحفظ واري احساس کي پيدا ڪرڻ لاءِ تحقيقي ڪم تي وڌيڪ ڌيان گهري ٿي، هن چيو ته وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ادارن ۾ ٿيندڙ تحقيق بابت گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ اسان ويجهر ۾ زرعي، اينيمل، انجنيئرنگ، ميڊيڪل ۽ ٻي سائنسي ادارن کي گڏجي ويهڻ گهرجي ۽ ملڪ، قوم ۽ ماڻهن جي بقا ۽ بهتري جي حوالي سان مختلف منصوبا جوڙڻ گهرجن ۽ سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ مڪمل سهڪار ڪندي، هن چيو ته زرعي يونيورسٽي هن عالمي ڪانفرنس وسيلي دنياجي ماهرن ۽ ادارن کي گڏ ويهاري بهترين روايت قائم ڪري رهي آهي، جنهن سان انٽرنيشنل لنڪيجز ۽ ڄاڻ جي مٽا سٽا ۾ مدد ملندي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته وڌندڙ آبادي دنيا کي خوراڪ ۽ غربت جهڙن مسئلن ۾ گهيري ڇڏيو آهي، ۽ ادارن ۽ ماهرن جي ذميواري آهي ته محدود وسيلن کي ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪتب آڻين، ۽ اسان کي پنهنجي تحقيق کي عالمي تحقيق گهرجن پٽاندڙ بنائڻو پوندو، هن چيو ته دنيا جتي گلوبل وارمنگ، ماحولياتي آلودگي ۽ دهشتگردي کي چيلينج سمجهي رهي آهي، اتي خوراڪ جي کوٽ کي ان کان وڌيڪ خطرو سمجهي ٿي، جڏهن ته عالمي ادارا ان تي مڪمل توجهه ڏئي رهيا آهن، ان ڪري اسان جي سائنسدان کي به پنهنجي نسلن کي بک کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ پنهنجي تحقيق جو تعين ڪرڻو پوندو، ۽ دنيا جي سائنسدانن کي گڏ ويهي مسئلن جو حل ڳولهڻو پوندو، هن چيو ته هي ڪانفرنس سڀني حصيدارن کي گڏ ويهارڻ ۽ سوچڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي، ٻئي طرف ڪانفرنس ۾ چائنا کان آيل زرعي ماهرن پروفيسر وين هنگ، پروفيسر ڊونگ شيوبو، يونيورسٽي آف ڪولون جرمني ۽ جرمن سوسائٽي آف اسٽين سيل ريسرچ جي صدر ڊاڪٽر جرگن هيشلر، ۽ ڊاڪٽر ڪرٽ پيفيوڪچر، آمريڪا کان آيل ماهر ميان نديم رياض، يونيورسٽي آف مليشيا جي ڊاڪٽر جاويد عزيز، ڊاڪٽر مسعود سعيد، شهيد بي نظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر، ايگريڪلچر ريسرچ جو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر نور محمد بلوچ، ڊاڪٽر سعيد اختر، يونيورسٽي جا ڊين صاحبان پڻ موجود هئا، جن بعد ۾ ٽيڪنيڪل سيشن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهيا، هوڏانهن ميزبان ۽ مهمان شخصيتن مک آڊيٽوريم هال اڳيان لڳايل زرعي، سائنسي، مالياتي ۽ انجنيئرنگ ادارن پاران لڳايل نمائش ۽ فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالوجيز پاران تيار ڪيل بيڪري ۽ ڊسپلي جو به افتتاح پڻ ڪيو، تقريب ۾ مختلف يونيورسٽين، زرعي تحقيق، زرعي ريسرچ بين ادارن جي سربراهن، آبادگارن، اتان، شاگردن ۽ خانگي شعبي جي مختلف ڪمپنين جي وفدن سميت ملڪي ۽ غير ملڪي ادارن ۽ ڪمپنينن جي 300-کان وڌيڪ ماهرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي، تقريب بعد ٽيڪنيڪل سيشن به جاري هو، جنهن ۾ سنڌ ايگريڪلچر گروٿ پروجيڪٽ جي مختلف شعبن جي ماهرن ۽ آبادگار اڳواڻن قاضي سليمان ميمڻ، سيد نديم شاهه، ميان سليم، سيد محمود شاهه، راحيل شاهه ۽ ٻين صدارت ڪئي ۽ مقالا پڙهيا.

 (PUBLIC RELATIONS OFFICER)

SAU, Tandojam

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

thirteen + 17 =