سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي

، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته وڌندڙ آبادي دنيا کي خوراڪ ۽ غربت جهڙن مسئلن ۾ گهيري ڇڏيو آهي، ۽ ادارن ۽ ماهرن جي ذميواري آهي ته محدود وسيلن کي ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪتب آڻين، ۽ اسان کي پنهنجي تحقيق کي عالمي تحقيق گهرجن پٽاندڙ بنائڻو پوندو، هن چيو ته دنيا جتي گلوبل وارمنگ، ماحولياتي آلودگي ۽ دهشتگردي کي چيلينج سمجهي رهي آهي، اتي خوراڪ جي کوٽ کي ان کان وڌيڪ خطرو سمجهي ٿي، جڏهن ته عالمي ادارا ان تي مڪمل توجهه ڏئي رهيا آهن، ان ڪري اسان جي سائنسدان کي به پنهنجي نسلن کي بک کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ پنهنجي تحقيق جو تعين ڪرڻو پوندو، ۽ دنيا جي سائنسدانن کي گڏ ويهي مسئلن جو حل ڳولهڻو پوندو، هن چيو ته هي ڪانفرنس سڀني حصيدارن کي گڏ ويهارڻ ۽ سوچڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي، ٻئي طرف ڪانفرنس ۾ چائنا کان آيل زرعي ماهرن پروفيسر وين هنگ، پروفيسر ڊونگ شيوبو، يونيورسٽي آف ڪولون جرمني ۽ جرمن سوسائٽي آف اسٽين سيل ريسرچ جي صدر ڊاڪٽر جرگن هيشلر، ۽ ڊاڪٽر ڪرٽ پيفيوڪچر، آمريڪا کان آيل ماهر ميان نديم رياض، يونيورسٽي آف مليشيا جي ڊاڪٽر جاويد عزيز، ڊاڪٽر مسعود سعيد، شهيد بي نظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر، ايگريڪلچر ريسرچ جو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر نور محمد بلوچ، ڊاڪٽر سعيد اختر، يونيورسٽي جا ڊين صاحبان پڻ موجود هئا، جن بعد ۾ ٽيڪنيڪل سيشن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهيا، هوڏانهن ميزبان ۽ مهمان شخصيتن مک آڊيٽوريم هال اڳيان لڳايل زرعي، سائنسي، مالياتي ۽ انجنيئرنگ ادارن پاران لڳايل نمائش ۽ فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالوجيز پاران تيار ڪيل بيڪري ۽ ڊسپلي جو به افتتاح پڻ ڪيو، تقريب ۾ مختلف يونيورسٽين، زرعي تحقيق، زرعي ريسرچ بين ادارن جي سربراهن، آبادگارن، اتان، شاگردن ۽ خانگي شعبي جي مختلف ڪمپنين جي وفدن سميت ملڪي ۽ غير ملڪي ادارن ۽ ڪمپنينن جي 300-کان وڌيڪ ماهرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي، تقريب بعد ٽيڪنيڪل سيشن به جاري هو، جنهن ۾ سنڌ ايگريڪلچر گروٿ پروجيڪٽ جي مختلف شعبن جي ماهرن ۽ آبادگار اڳواڻن قاضي سليمان ميمڻ، سيد نديم شاهه، ميان سليم، سيد محمود شاهه، راحيل شاهه ۽ ٻين صدارت ڪئي ۽ مقالا پڙهيا.

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

eighteen − six =