سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽينس بال ڪرڪيٽ چئمپين شپ 2016 جاري آهي

ٽنڊوڄام(رپريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ ڇهون سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽينس بال ڪرڪيٽ چئمپين شپ 2016 جاري آهي، جنهن ۾ ڪالهه پهريون مئچ سوشل سائنسز فيڪلٽي جي فهيم اليون ۽ ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي عامرخان اليون وچ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ پهريون بيٽنگ ڪندي عامر خان اليون 67- رنسون اسڪور ڪيون، موٽ ۾ فهيم اليون  گهربل اسڪور آخري اوور ۾ مڪمل ڪري مئچ کٽي ورتو، ٻي مئچ ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي عبدالستار اليون ۽ انجنيئرنگ فيڪلٽي جي ماجد علي سومرو اليون وچ ۾ کيڏيو ويو، پهريون بيٽنگ ڪندي ماجد علي سومرو اليون 70-رنسون اسڪور ڪيون، جڏهن ته موٽ ۾ عبدالستار اليون به آخري اوور ۾ پنهنجو گهربل اسڪور مڪمل ڪيو ۽ راند کٽي ورتي، جڏهن ته ٽين مئچ سوشل سائنسز فيڪلٽي جي سيف علي شاهه، ۽ ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي حسين بلوچ ٽيمن وچ ۾ ٿي، جنهن ۾ پهريون بيٽنگ ڪندي سيف علي شاهه اليون مقرره اوورن ۾ 57 رنسون جوڙيون، سيف علي شاهه ٽيم جي ڪبير احمد بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 30-رنسون جوڙيون، جواب ۾ حسين بلوچ اليون جي ٽيم گهربل اسڪور به آخري اوور ۾ مڪمل ڪري راند کٽي ورتي، ٽنهي کٽندڙ ٽيمن ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

13 − ten =