لائبريري جي نئين تعمير ٿيل حصي ۾، نئين ريفرينس سيڪشن جو افتتاح

لائبريري جي نئين تعمير ٿيل حصي ۾، نئين ريفرينس سيڪشن جو افتتاح

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سينٽرل لائبريري جي نئين تعمير ٿيل حصي ۾، نئين ريفرينس سيڪشن جو افتتاح، لائبريري رات جو 12-وڳي تائين کولڻ جو حڪم، شاگردن کي هاسٽل کان لائبريري تائين آڻڻ لاءِ شٽل سروس به ميسر ڪئي ويندي، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سينٽرل لائبريري جي نئين تعمير ڪيل حصي ۾ جديد ريفرنس سيڪشن فعال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته يونيورسٽي جي شاگردن کي بهترين لائبريري سهولتون ميسر  ڪري ڏيڻ  لاءِ مختلف شعبا، جن ۾ ڊجيٽل لائبريري، سرڪيوليشن، ٿيسز سيڪشن، لٽريچر سيڪشن، شيخ اياز ڪارنر ۽ نيوزپيپر ۽ مئگزين سيڪشن کي بهتر بنائڻ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، ڪالهه وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي نئين تيار ڪيل ريفرنس سيڪشن جو افتتاح ڪيو، جتي رٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري جي توسيع جو ڪم جاري آهي ۽ هن چيو ته يونيورسٽي جي پراڻي لائبريري جهڙي عمارت پوري سنڌ ۾ موجود  ناهي،۽ اها هڪ منفرد عمارت آهي، جنهن کي وڌيڪ پرآسائش ۽ شاگردن جي سهولتن لاءِ بهترين نموني سان تيار ڪيو ويندو، هن اعلان ڪيو ته يونيورسٽي جي هي لائبريري اڄ کان شروع ٿيندڙ امتحانن دوران رات جو 8-وڳي ۽ عيد کانپوءِ شروع ٿيندڙ تدريسي عمل دوران رات جو 12-وڳي تائين بدستور کليل رهندي، جنهن ۾ روشني ۽ سيڪيورٽي جو بندوبست به ڪيو ويو آهي، هن اعلان ڪيو ته شاگردن کي پڙهائي ۽ ڊجيٽل لائبريري سهولت ڏيڻ لاءِ هاسٽل کان لائبريري آڻڻ لاءِ شٽل سروس به شروع ڪئي ويندي، جيڪا هر ٻن ڪلاڪن کانپوءِ هاسٽل اڳيان موجود هوندي، هن ٻڌايو ته يونيورسٽي جي هن لائبريري جو ماحول خشڪ نه پر شاگردن لاءِ تدريسي ۽ تفريحي ماحول به موجود ميسر هوندو، ان موقعي تي هاسٽل مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد ابراهيم ڪيريو، لائبريرين عبدالرشيد عباسي ۽ ڊاڪٽر بچل ڀٽو لائبريري ۾ ميسر ڪري ڏنل سهولتن، ڪتابن جي موجودگي، دجيٽل لائبريري، ڪتابن جي جديد بنيادن تي دسترس، سيڪيورٽي ۽ شاگردن جي گنجائش ۽ ٻين سهولتن توڙي گُهرجن بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي مختلف فيڪلٽين جا ڊين ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت، ڊاڪٽر نور محمد سومرو، ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي، ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا،

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

1 + 16 =