ته تدريسي سال 16- 2015ع جي هلندڙ پهرين، ٻئي، ٽئين، چوٿين ۽ فائنل

ٽنڊوڄام (پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي داخلائن بابت ڊائريڪٽر پڌروڪيو آهي ته تدريسي سال 16- 2015ع جي هلندڙ پهرين، ٻئي، ٽئين، چوٿين ۽ فائنل ايئر ڪلاسز ۾ رجسٽريشن جي تاريخ ۾ مقرر ڪيل ليٽ في سان 12 آگسٽ 2016ع تائين واڌارو ڪيو ويو آهي، پڌرائي موجب يونيورسٽي جي مڙني فئڪلٽين، انسٽيٽيوٽ ۽ سينٽر سان گڏ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۽ خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جي اهڙن شاگردن جن مقرر تاريخ تائين پنهنجي رجسٽريشن ناهي ڪرائي اهي هن موقعي مان فائدو وٺن، امتحانن لاءِ گهربل 75 سيڪڙو حاضري لازمي آهي ۽ دير سان رجسٽريشن ڪرائيندڙ شاگرد گهربل حاضري پوري ڪرڻ جا پاڻ ذميوار هوندا.

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

two × 2 =