سنڌ زرعي يونيورسٽي جي مڙني فيڪلٽين جا ريگيولر ڪلاسز 15-آگسٽ کان شروع ٿيندا

Public Relations Section

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي مڙني فيڪلٽين جا ريگيولر ڪلاسز 15-آگسٽ کان شروع ٿيندا، هاسٽلن جي مرمت ۽ سهولتن جي پورائي جو تڪڙو ڪم جاري، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي رجسٽرار پڌرو ڪيو آهي ته يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ مرمت جي جاري ڪم ۽ شاگردن کي بهتر رهائشي سهولتون ميسر ڪري ڏيڻ لاءِ آرائشي ڪم تيزي سان جاري آهي، جيڪو پنهنجي تڪميلي مرحلن ۾ آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آگاهي ڏني وئي آهي ته يونيورسٽي جا ريگيولر ڪلاسز هاڻي 15-آگسٽ 2016 کان شروع ٿي ويندا، جڏهن ته يونيورسٽي ۾ باقي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن. شاگردن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 15-آگسٽ 2016 کان پنهنجي ڪلاسن ۾ پهچن.

 

(PUBLIC RELATIONS OFFICER)

SAU, Tandojam

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

twelve + twenty =