يونيورسٽي جي شاگرن کي تدريسي ۽ تحقيقي ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيع آهي

PUBLIC RELATIONS SECTION

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي  يونيورسٽي جي شاگرن کي تدريسي ۽ تحقيقي ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيع آهي ۽ استاد، شاگرد ۽ انتظاميه گڏجي ڪلاسن ۾ پاڻمرادي موڪل واري رجحان کي ختم ڪرڻو پوندو، ڪالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل جي ميزباني هيٺ يونيورسٽي جي تدريسي شعبن جي وڌيڪ بهتري بابت رٿيل اعليٰ سطحي اجلاس دوران مختلف فيڪلٽين جي ڊين ۽ شعبن جي سربراهن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صحرائي چيو ته يونيورسٽي جي فيڪلٽين ۾ شاگردن لاءِ جديد ڪمپيوٽر ليب ۽ هاءِ ٽيڪ سائنسي ليبارٽريون قائم ڪيون وينديون ۽ شاگردن کي هاسٽل کان وٺي ڪلاس روم تائين  صحت مند تدريسي ماحول ميسر ڪري ڏنو ويندو، جنهن تي ڪم به شروع ڪيو ويو آهي، ۽ فيڪلٽين ۾ ڪلاس رومز کي جديد بڻايو پيو وڃي،  هن چيو ته  ڪلاس ۾ هڪ شاگرد به هجي ته به تدريسي عمل جاري رکيو وڃي، ته جيئن شاگردن ۾ اهو احساس پيدا ٿي ٿئي ته استاد پڙهائڻ لاءِ سنجيده آهي ۽ ان ڪري کين به پڙهڻ لاءِ سنجيده ٿيڻو پوندو، هن چيو ته دور تبديل ٿي ويو آهي، ڳالهين سان نه پر عمل سان ڪاميابي ملندي، ان موقعي تي ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر رياست علي ڪٻر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ زرعي يونيورسٽي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي شعبن جي جوڙجڪ بابت درجه بندي ۾ صوبي توڙي ملڪ  جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ شامل آهي ۽ سنڌ جي ٻين يونيورسٽين کان وڌيڪ مارڪون کڻي پهرين نمبرن ۾ شامل رهندي پئي اچي، هن چيو ته يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ انتظاميه جي وڌيڪ تعاون ۽ سنجيدگي سان اسان اهم درجو حاصل ڪري سگهون ٿا، ان ڪري اسان کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، ان موقعي تي ڊين ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت، ڊين ڊاڪٽر نور محمد سومرو. ڊين ڊاڪٽر صغير احمد شيخ، ڊين ڊاڪٽر  اعجاز کوهارو، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالوجي جو پرنسپل ڊاڪٽر محمد ابراهيم ڪيريو سميت مختلف شعبن جي چيئرمين جو وڏو انگ موجود هو.

 

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

sixteen − fourteen =