چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ايندڙ ٻن سالن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جو نقشو تبديل ٿي ويندو

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ايندڙ ٻن سالن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جو نقشو تبديل ٿي ويندو ۽ ٿوري عرصي اندر هي يونيورسٽي، انفراسٽڪرچر توڙي تدريسي ۽ تحقيقي لحاظ ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ شامل ٿي ويندي، ڪالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي  ۾ ٽنڊوڄام پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ ميمبرن جي هڪ وفد سان ملاقات دوران وائيس چانسلر ٻڌايو ته  يونيورسٽي ۾ تدريسي ڪيلينڊر جي رائج ٿيڻ کانپوءِ امتحان توڙي ڪلاس ليٽ ٿيڻ وارو تصور ختم ٿي ويو آهي، ٻئي طرف يونيورسٽي ۾ ڪلاسن ۽ ليبارٽرين ۾ تحقيقي ۽ تدريسي ماحول فراهم ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته پوسٽ گريجوئيٽ ۽ انڊرگريجوئيٽ داخلائن ۾ 30-سيڪڙو  کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، صرف  ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين کي ترجيع ڏيڻ وارو رواج ختم ٿي ويو آهي ۽ شاگردن جي پهرين ترجيعن ۾ زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ جي تعليم کي هٿي ڏني وئي آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت کان 900-ملين جي پي سي منظور ڪرائي وئي آهي، جنهن سان يونيورسٽي ۾ نئون انتظامي بلاڪ، مختلف فيڪلٽين ۽ آئي ٽي سينٽر جون اضافي عمارتون، فارمرس ايڊوائزري سينٽر، نئون ۽ جديد آڊيٽوريم هال، هاسٽلز، ڪئمپس کي چوديواري، سيڪيورٽي نظام سميت ليبارٽرين ۽ ڪلاس رومز ۾ آلات ۽ فرنيچر پڻ شامل هوندو، جنهن سان يونيورسٽي جو نقشو ئي تبديل ٿي ويندو، هن چيو ته ٻين  تدريسي ادارن ۾ شايد تعليم ۽ تحقيق جي دوران صرف ٿيوري تي گهڻو ڪم ٿيندو هجي پر زرعي تعليم ۾ حقيقي تحقيق جو تصور موجود آهي، هن چيو ته يونيورسٽي جا ڪيترا گريجوئيٽس باهرين ملڪن مان به تعليم حاصل ڪن پيا ۽ زرعي يونيورسٽي ۾ استادن جو وڏو تعداد پي ايچ ڊي آهي، هن ٻڌايو ته دور تبديل ٿي ويو آهي، هن چٽاڀيٽي واري دور ۾ ديو مالائي دنيا مان ٻاهر نڪرڻو پوندو ۽ حقيقي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو، هن چيو ته اسان جو نوجوان هاڻي تبديل ٿي رهيو آهي ۽ خانگي سيڪٽر جي ميرٽ جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهي، هن چيو ته يونيورسٽي جا زرعي فارم شاگردن جي لاءِ تجرباتي ڪمن لاءِ وسيع بنيادن تي ڪم ڪن پيا، جڏهن ته آبادگارن کي نج ٻج ڏيڻ سان گڏ عام آبادگار ۽ ڀاڳئي جي فني معاونت وارو ڪم به ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان جو مقصد آهي ته هتي ٿيندڙ تحقيق ۾ نه صرف آبادگار، هاري، مالوند ۽ گهريلو عورتن جي تربيت ڪئي وڃي، پر  زرعي شين کي عالمي مارڪيٽ جي گهرجن، خدشن ۽ ايڪسپورٽ بابت به ڄاڻ ڏني وڃي، جنهن سان اسانجو ماڻهو ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهي، ان موقعي تي  پريس ڪلب جو صدر محمد اختر، جنرل سيڪريٽري مستنصر علي جمالي، مظهر علي لاشاري، علي محمد جمالي، سليم يزداني، مير شاهنواز ٽالپور ۽ ٻيا صحافي موجود هئا، جن وائيس چانسلر ڊاڪٽر صحرائي کان مختلف سوال پڻ ڪيا.

 

 

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

six + 16 =