سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ انب جي ڳڀ(Pulp) جي دنيا ۾ گهرج

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ انب جي ڳڀ(Pulp)  جي دنيا ۾ گهرج جي حوالي سان رٿيل هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ زراعت ۾ سبسڊي ڏيڻي پوندي ۽ فصلن جي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ، ملڪي ۽ عالمي منڊي تائين پيدوار جي رسائي کي يقيني بڻائڻو پوندو،۽ في ايڪڙ پيدوار جي واڌاري ۽ موسمي ميون  ۽ ڀاڄين کي وڏي عرصي تائين محفُوظ بنائڻ واري ٽيڪنالوجي مروج ڪرڻي پوندي، ڪالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ سميڊا ۽ ايگرو فوڊ پراسيسنگ فيسلٽيز ملتان جي گڏيل سهڪار سان رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي وائيس چانسلرچيو ته وفاقي حڪومت پاران بجيٽ ۾ زراعت مان گهربل نتيجا نه ملڻ بابت ڪيل ڳڻتي ان ڳالهه جو کليل ثبوت آهي ته زراعت جي ترقي ملڪي معيشيت سان سلهاڙيل آهي، ان ڪري سرڪار ۽ ادارن کي گڏجي زرعي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءَ ڪردار ادا هاڻي اڻٽر آهي، ان ڪري زراعت بابت پاليسي ۽ شين تي سبسڊي ڏيڻ سان آبادگارن ۾ وڏو اتساهه پيدا ٿيندو، هن چيو سنڌ ۾ انبن جو 200-کان وڌيڪ جنسون آهن، پر انهن مان چند رجسٽرڊ آهي، جنهن ڪري باقي جنسن جي معيار ۽ مقدار کي سامهون رکي جنسون رجسٽر ڪرائڻ گهرجن، هن چيو ته دنيا ۾ انب سميت مختلف فروٽ ۽ ڀاڄيون سڀني مندن ۾ کائڻ لاءِ موجود هونديون آهن، اسان کي به فروٽن ۽ ڀاڄين کي گهڻي مدي تائين کائڻ جي قابل رکڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي تي انحصار ڪرڻو پوندو، هن چيو ته دنيا ۾ انب جي ڳڀ جي گهڻي گهرج آهي، پر اسان وٽ توجهه نه هجڻ ڪري باغ کان منڊي تائين ڪيترو انب ضايع به ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ انب پچائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جا روايتي طريقا اڃان به قابض آهن، هن چيو ته سرڪاري ۽ خانگي ادارا گڏي، آبادگار جي رهنمائي ڪن، ۽ سنڌ جي ماڻهن کي اهڙي پيدوار مان ناڻو حاصل ڪرڻ ۾ معاونت ڪن، سمال ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي سي اي او مڪيش ڪمار ٻڌايو ته ملتان ۾ اسان انب جي محفوظ ڪرڻ ۽ ڪنري ۾ مرچن جي ترقي جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ هاڻي نوابشاهه ۽ موري ۾ ڀاڄين جي ترقي ۾ ڪم شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن سان اتان جي مقامي آبادگار کي وڏي معاونت ٿيندي، هن چيو ته عالمي معيار موجب انب سميت مختلف فروٽن ۽ ڀاڄين جي توسيعي ڪم سان اهي ايڪسپورٽ به ڪري سگهبيون، جنهن سان زراعت سان لاڳاپيل افرادي قوت خوشحال ٿيندي، هن چيو ته مقامي مارڪيٽ ۾ بهتري آئي آهي ۽ اسان اهڙن آبادگارن جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪي اهڙا منصوبا پنهنجي فيلڊ ۾ رائج ڪرڻ چاهين ٿا ۽ انهن کي قرض توڙي فزيبلٽي جي مد ۾ معاونت به ڪنداسين، نامياري زرعي ماهر ۽ جديد زرعي فارمنگ تي ڪم ڪندڙ هادي بخش لغاري چيو ته اسان آسٽريليا ۽ يو ايس ايڊ جهڙن ادارن سان زرعي ڄاڻ جي مٽاسٽا وارو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ خاص طور تي انب مان ناڻو ڪمائڻ جي گهڻي گنجائش موجود آهي ۽ انب پچائي ويجهي منڊي ۾ وڪرو ڪرڻ بجاءِ جديد بنيادن تي ان جي مارڪيٽنگ ڪرڻ لاءِ وڏو خال موجود آهي، هن چيو ته زرعي يونيورسٽي ۽ ٻيا ادارا ان م بهتر ڪم ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي ايگرو فوڊ پراسيسنگ فيسلٽيز ملتان جي غلام مجتبيٰ، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر ۽ ٻين به خطاب ڪيو، جڏهن ته بعد ۾ آبادگارن جي ٽريننگ پڻ شروع ڪرائي وئي.تقريب ۾ سوشل سائنسز فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر اعجاز کونهارو، خوشي محمد، پروفيسر، استادن، شاگردن، آبادگارن  ۽ ماهرن جو وڏو انگ موجود هو.(ڦوٽو به اي ميل ڪيا آهن)

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

four × 1 =