سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر ميڊم عابده طاهراڻي جي اوچتي لاڏاڻي

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر ميڊم عابده طاهراڻي جي اوچتي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڊاڪٽر صحرائي چيو آهي ته ميڊم عابده طاهراڻي هڪ بهترين تعليمي ماهر هئي ۽ هن سنڌ يونيورسٽي ۾ تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته عابده طاهراڻي جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪافي ترقي ڪئي ۽ هن جون تعليمي خدمتون ياد رهنديون، هن چيو ته سندس لاڏاڻي سان دلي صدمو پهتو آهي، ۽ سندس لاڏاڻي سان تعليمي شعبي کي وڏو نقصان پهتو آهي، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جا  ڊين،  استاد، آفيسر ۽ اسٽاف ميڊم عابده طاهراڻي جي خاندان، سنڌ يونيورسٽي جي استادن، آفيسرس ۽ ملازمن سان هن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

16 + 2 =