سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ وشو چئمپين شپ شروع

ٽنڊوڄام(پريس رليز)، سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ وشو چئمپين شپ شروع، مختلف يونيورسٽين جي رانديگرن ميدان ماري ورتو، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان آل پاڪستان انٽريونيورسٽي “وشو” چئمپين شپ 16- 2015ع شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. چئمپين شپ ۾ بي زيڊ ملتان، اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور، اقراءَ يونيورسٽي ڪراچي، يونيورسٽي آف ڪراچي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ميزبان ٽيم سنڌ زرعي يونيورسٽي شامل آهن، پهرين ڏينهن جي راندين ۾ 44-ڪلو جي مقابلن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي محمد قاسم، قائدعوام يونيورسٽي جي عامر حسين کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل کٽيو، 48 ڪلو جي مقابلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي حمزه، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ضامن حسين کي مات ڏئي گولڊ ميڊل کٽيو، 52 ڪلو جي مقابلن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي زبير علي ڪراچي يونيورسٽي جي حمزه کي مات ڏئي گولڊ ميڊل کٽيو، 56 ڪلو جي مقابلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ضامن حسين، سنڌ يونيورسٽِي ڄامشوري جي پيارل کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتو آهي، 60-ڪلو جي مقابلن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي محمد اشتياق، اقريٰ يونيورسٽي جي عابد خان کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويا،   ان موقعي تي چئمپين شپ جي خاص مهمان، فئڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن جي ڊين ۽ چيئرمين اسپورٽس مئنجمينٽ ڪميٽي ڊاڪٽر انور مقصود رستماڻي ۽ گيسٽ آف آنر اطهر علي خانزادو، رانديگرن جي همٿ افزائي ڪئي، هلندڙ چئمپين شپ ۾ ڊائريڪٽر فنانس انيل ڪمار، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رياض سومرو،انجنيئر مير سلطان، محمد علي سانگي ۽ ٻين راند ڏٺي. چئمپين شپ جي افتتاح دوران آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي پڻ پيش ڪئي وئي.

 

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

three × four =