سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن جي سهڪار سان دادو

ٽنڊوڄام(پريس پڌرائي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن جي سهڪار سان دادو ۽ ميرپورخاص جي آبادگارن  کي زرعي پاڻي جي زمين کي گهرج موجب انتظامڪاري بابت تربيتي پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ايگريڪلچر انجنيئرنگ فيڪلٽي  جي ڊين ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي ايتري کوٽ ناهي،جيتري پاڻي جي مناسب طريقي سان استعمال نه ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. هن چيو ته  رواجي زرعي پوکي جي طريقن سبب آبادگار گهڻو ڪري فصلن کي پاڻي سان ٻوڙي ڇڏين ٿا، جنهن ڪري نه صرف فصل کي نقصان ٿئي ٿو پر پاڻي جو زيان پڻ ٿئي ٿو، جڏهن ته ان جي ڪري سماجي طور اهو نقصان ٿئي ٿو ته پڇڙي وارن آبادگار  کي مناسب گهربل پاڻي نه ٿو ملي، هن چيو ته هن ٽريننگ جو مقصد فصلن کي  گهرج موجب پاڻي ميسر ڪري ڏيڻ لاءِ اسپرنڪل ايريگيشن يا ٽرنڪل ايريگيشن نظام جي اهميت کي سمجهڻ ۽ ٻوٽن کي ٻوڙي پاڻي ڏيڻ سان زمين توڙي فصلن کي ٿيندڙ نقصانن بابت آگاهي ڏيڻ آهي، ايف اي او جي عملدار اشرف علي خطاب ڪندي چيو ته  اسان جو مقصد آبادگار ۽ سرڪار وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ آهي ۽ اسان ادارن جو هٿ ونڊائڻ چاهيون ٿيا، هن چيو ته هن تربيت جو مقصد زرعي فني ڄاڻ ۾ آبادگار کي پاڻڀرو ڪرڻ آهي ۽ جديد ڄاڻ پهچائڻ  لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ آهي، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي سنڌ ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي هڪ طرف تدريسي ۽ تحقيقي افرادي قوت  پيدا  ڪري رهي آهي ته ساڳي وقت آبادگارن جي رهنمائي وارو ڪردار ادا پئي ڪري، هن ٻڌايو ته اسان انهن سڀني اسٽيڪ هولڊرس کي هڪ ٽيبل تي ويهاري زرعي، آبپاشي ۽ مارڪيٽنگ سان سلهاڙيل مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ واري روايت کي فروغ ڏئي رهيا آهيون،  ان موقعي  پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر هن تربيتي پروگرام بابت شرڪاءَ کي ڄاڻ ڏني، جڏهن ته تقريب ۾ واپڊا جو جنرل مينيجر ارشاد احمد ٻوهيو، ايف اي او جو ممتاز منگي، پروفيسر مشتاق عيساڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، جڏهن ته ٽريننگ پروگرام ۾ وڏي تعداد ۾  هاري  ۽ لاڳاپيل عملو موجود هو.

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

four × 3 =