نوجوانن سان سلهاڙيل آهي ۽ اڄ جو نوجوان دنيا جي

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته ملڪن جي ترقي، نوجوانن سان سلهاڙيل آهي ۽ اڄ جو نوجوان دنيا جي سڀني ٻرندڙ مسئلن کي گهرائي سان سمجهي ٿو، ڪالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام نون آيل شاگردن جي مان ۾ سينئر شاگردن پاران ڏنل گرانڊ پارٽي کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صحرائي چيو ته دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ نوجوان ئي ترقي جي انقلاب جي ضمانت سمجهيا ويندا آهن ۽ يونيورسٽيون ئي ملڪن کي ليڊر، ڊاڪٽر، سائنسدان، ٿعليمي ماهر، ماحولياتي، زرعي، آئي ٽي ۽ انجنئيرنگ سميت معاشيات جا ماهر ڏين ٿيون، جنهن ڪري پنهنجي قومي ترقيءَ لاءِ اسان جي نوجوانن کي پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته مونکي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته اسان جي يونيورسٽي جي نوجوانن ۾ اها خوبي موجود آهي ته سينئر شاگرد پنهنجي آيل نون دوستن ڀائرن ۽ جونئيرس کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چون ٿا ۽ ان سان مون ۾ اها اميد پيدا ٿي آهي ته اسان جو نوجوان اداري ۾ تدريسي ۽ تحقيقي سرگرميون ڏسڻ گهري ٿو، هن ٻڌايو ته هن شاگردن جي تدريسي ماحول مهيا ڪري ڏين سان گڏ انهن کي تفريحي ۽ تعميري ماحول مهيا ڪري ڏنو آهي ته جيئن اسان جا شاگرد پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪري سگهن، ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف موضوعن تي ليڪچر. تقريري مقابلا، ميوزيڪل مقابلا ۽ محفل موسيقي، ثقافتي ڊانس ۽ ناٽڪ پيش ڪيا، سڄي پروگرام ۾ مختلف فيڪلٽين مان آيل استاد، انتظامي عملدار ۽ شاگرن جو وڏو انگ موجود هو. جيڪي پروگرام مان لطف اندوز ٿيا،

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

16 + 7 =