ٽيم جو ڪئمپ عالمي رانديگر سلمان جعفري جي نگراني هيٺ سنڌ زرعي يونيورسٽي

ٽنڊوڄام(پريس رليز)  سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام  “وشو” ٽيم جو ڪئمپ عالمي رانديگر سلمان جعفري جي نگراني هيٺ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي نئين تعمير ڪيل اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ جاري آهي، يونيورسٽي جي  ٽيم آل پاڪستان انٽريونيورسٽي “وشو” چئمپين شپ ۾ شرڪت ڪندي، جيڪا سنڌ زرعي يونيورسٽي جي زير اهتمام ۽ هائير ايجوڪيشن  ڪميشن جي تعاون سان 23 ۽ 24 مئي کان سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ منعقد ٿي رهي آهي. جنهن ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جون ٽيمون مقابلو ڪنديون. چئمپين شپ جو آرگنائيزر سيڪريٽري هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادو هوندو. اهڙي ريت چئمپين شپ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

 

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

17 − twelve =