وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيشن جي جاري امتحانن جو دورو ڪيو

ٽنڊوڄام(پ ر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيشن جي جاري امتحانن جو دورو ڪيو ۽ امتحاني انتظامن جو جائزو ورتو، وائيس چانسلر مختلف فيڪلٽين ۾ هلندڙ امتحانن دوران، سينٽرن ۾ انتظامن بابت لاڳاپيل اختيارين کان ڄاڻ ورتي ۽ مختلف شاگردن کان امتحانن بابت مختلف سوال ڪيا. ان موقعي تي هن چيو ته امتحانن ۾ ڪنهن به قسم جي  سيڪيورٽي توڙي امن امان جي حوالي سان پنهنجي انتظامن ۾ ڪوتاهي نه ڪئي وڃي، جڏهن ته شاگردن کي پرسڪون امتحاني ماحول ميسر ڪرڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي وڃي، ان موقعي تي ساڻس مختلف فيڪلٽين جا ڊين ۽ ٻيو انتظامي عملو گڏ هو.

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

one × 1 =