نائين ڪنووڪيشن دوران بهترين تقريب جي انعقاد ۾ خدمتون ڏيندڙ يونيورسٽي

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽِي ٽنڊوڄام جي  نائين ڪنووڪيشن دوران بهترين تقريب جي انعقاد ۾ خدمتون ڏيندڙ يونيورسٽي جي مختلف ڪاميٽين جي سربراهن، مددگار عملي ۽ مختلف شعبن جي سربراهن ۾ شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ ٿي، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڪئي،  تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صحرائي چيو ته  ڪنووڪيشن يونيورسٽين جي عيد جي برابر  ڏهاڙُو هوندو آهي، ۽ خاص طور تي انهن والدين جي لاءِ اها عيد هوندي آهي، جنهن جو پٽ يا نياڻي زندگي جو هڪ اهم مرحلو مڪمل ڪري پريڪٽيڪل زندگي ڏانهن ٻيو قدم کڻندو آهي  ۽ اهڙي خوشي ۾يونيورسٽي جي استادن، آفيسرس ۽ ملازمن جو ڪم ان عيد ۾ هٿ ونڊائڻ هوندو آهي، هن چيو ته هڪ وائيس چانسلر لاءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙي خوشي هوندي ته قوم کي هڪ تربيت يافته جٿو  موڪلي ڏئي ٿو ۽ اها هاڻ اسان سڀني جي گڏيل ڪوشش هجڻ کپي ته اسان صوبي توڙي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون، ڊاڪٽر صحرائي ڪنووڪيشن ۾ پنهنجون پنهنجون خدمتون ڏيندڙ سڀني ڪاميٽين، استاد ۽ ملازمن جي ڪيل ڪم جي تعريف ڪندي چيو ته اسان کي گڏجي اداري کي سنڌ جي عظيم درسگاهه طور اڀارڻ جو پنهنجو عزم ورجائيندا رهنداسين ۽ پنهنجي نسلن کي بهترين تدريسي ماحول فراه ڪرڻ ۾ حقيقي جاکوڙ ڪرڻ گهرجي، ان موقعي تي ڊاڪٽر ابراهيم ڪيريو، ڊاڪٽر صغير شيخ، ڊاڪٽر نور محمد سومرو، ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي، ڊاڪٽر عبدالله آريجو، رجسٽرار حفيظ الله ميمڻ، ڊائريڪتر فنانس انيل ڪمار، پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي، ڊاڪٽر عنايت راجپر، ڊاڪٽر  محمد اسماعيل ڪنڀر، پروفيسر ابو ساجد محمد سمون، ڊاڪٽر تهمينه نانگراج، منظور مگسي، رفيق احمد ڪاڪيپوٽو، نفيس احمد خوجه، محمد سلطان آرٽسٽ، راجا غلام حيدر سومرو سميت وڏي تعداد ۾ مختلف ڪاميٽين جي سربراهن، ميمبرن ۽ شعبن جي سربراهن ۾ شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ايوار ورهايا ويا.

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

18 − twelve =