Occasion of Order distribution of officer’s grade promotion of SAU employee.

ٽنڊوڄام(پ ر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته يونيورسٽي جي ترقي ۾ ملازمن تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي کي ملڪ جي ٽاپ ٽين يونيورسٽين ۾ شامل ڪرڻ منهنجو خواب آهي، ڪالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن جي اولاد ۽ هيٺئين گريڊ مان آفيسر گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ ملازمن کي آرڊر ڏيڻ ۽ ملازمن جي جاکوڙي اڳواڻ حسين بخش ويسر کي آفيسر گريڊ ۾ ترقي ملڻ بعد سندس مان ۾ ڀيٽا تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صحرائي  چيو ته ملازم تدريسي ۽ انتظامي شعبن لاءِ ٻانهن ٻيلي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهن، جنهن ڪري يونيورسٽي ترقي ڪري رهي آهي، ۽ هن وقت يونيورسٽي ۾ اهڙيون انقلابي تبديليون آنديون آهن، جنهن جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي،  جنهن سبب يونيورسٽي جي ساک وڌيڪ اثرائتي ٿي آهي،۽ داخلائن ۾ حيران ڪندڙ واڌارو ٿيو آهي، هن چيو ته يونيورسٽي جي استاد، آفيسرن ۽ ملازمن کي اڃان وڌيڪ  محنت ڪرڻ گهرجي، جنهن سان سنڌ زرعي يونيورسٽي کي ملڪ جي ٽاپ ٽين يونيورسٽين ۾ شامل ڪرڻ وارو خواب جلد ساڀيان ٿيندو، هن چيو ته حسين بخش ويسر يونيورسٽي جو جاکوڙي ڪردار رهيو آهي، اڄ جيڪڏهن ملازمن جا جائز مسئلا بنا ڪنهن رڪاوٽ جي حل ٿي رهيا آهن، ان ۾ حسين بخش ويسر جو ڪردار اهم آهي، هن چيو ته ملازمن کي پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجون توانائيون اداري جي ترقي ۾ استعمال ڪرڻ گهرجن، آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن يونٽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي صدر فقير محمد ڍول ۽ جنرل سيڪريٽري زبير علي سمون، عبدالحئي ڀٽو ۽ ٻين پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته يونيورسٽي جي ترقي ۽ تعمير ۾ ملازمن پنهنجو پاڻ نڀايو آهي ۽ تدريسي ۽ انتظامي عملدارن سان ملازمن پنهنجي سچائي سان ٻانهن ٻيلي وارو ڪردار نڀايو آهي، اڳواڻن چيو ته اڄ اسان جا جائز مسئلا حل ڪرڻ ۾ موجوده وائيس چانسلر جي دلچسپي اهو ثابت ڪيو آهي ته هو يونيورسٽي جي ملازمن سان پيار ڪري ٿو، هنن چيو ته حسين بخش ويسر پوري عمر جدوجهد جي علامت رهيو آهي، ۽ هر چونڊجي ايندڙ ملازم ڪابينا جي حوصلي جو سبب بڻيو رهيو آهي، ۽  اڄ اسان جي ملازمن جا جيڪي به مسئلا حل ٿين ٿا، ان ۾ سندس جدوجهد جو به وڏو ڪردار آهي، هنن چيو ته حسين بخش ويسر جي آفيسر گريڊ ۾ ترقي ٿيڻ خوشي جي ڳالهه آهي، ۽ اسان سندس رهنمائي کي ڪڏهن به نه وسارينداسين، ان موقعي تي تقريب ۾ مختلف فيڪلٽين جا ڊين ڊاڪٽر نور محمد سومرو، ڊاڪٽر صغير احمد شيخ، ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي، ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، رجسٽرار حفيظ الله ميمڻ، ڊائريڪٽر فنانس انيل ڪمار، آفيسرس ايوسيئيشن جو صدر رياست علي ڪٻر، سيڪريٽري غلام حيدر جويو،  ابو ساجد محمد سمون، محمد حنيف جمالي، مير غلام حسين سميت استادن،  ملازمن، آفيسرس جو وڏو انگ موجود هو. ان کان رٽائرڊ ملازمن جي اولاد کي نوڪرين جا آرڊر پڻ ڏنا ويا.

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

19 − 3 =