يونيورسٽي ۾ نئين داخلا جي جاري ٿيل ٻي لسٽ ۾ جيڪي اميدوار مختلف فيڪلٽين، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري،

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي داخلائن بابت ڊائريڪٽر پڌرو ڪيو آهي ته يونيورسٽي ۾ نئين داخلا جي جاري ٿيل ٻي لسٽ ۾ جيڪي اميدوار مختلف فيڪلٽين، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ ميرٽ تي چونڊيا ويا آهن ۽ انهن جا نالا جاري ڪيل لسٽ ۾ موجود آهن، اهي پنهنجي داخلا في ۽ گهربل تعليمي ۽ سڃاڻپ جا اصل ڪاغذ مقرر ڪيل بئنڪن ۾ في سميت 8 اپريل 2016 تائين جمع ڪرائين، ۽ اهڙن چونڊيل اميدوارن کي هدايت ٿي ڪجي جن جي پهرين لسٽ ۽ ٻي لسٽ ۾ به سندن چوائس موجب سليڪشن ٿي آهي، اهي پنهنجي ٻنهي چوائس مان ڪنهن به هڪ چوائس لاءِ پنهنجي لکت ۾ آگاهي ڏئي ساڳي تاريخ تائين ڪاغذ ۽ في جمع ڪرائين، مقرر ڪيل تاريخ تائين لکت ۾ داخلا جي چونڊ جي آگاهي نه ڏيڻ ۽ في يا ڪاغذ طئي ٿيل تاريخ تائين نه جمع ڪرائڻ جي صورت ۾ اهڙن اميدوارن جي سليڪشن يا داخلا رد تصور ڪئي ويندي.۽ ويٽنگ تي انتظار ۾ ويٺل اميدوارن کي ميرٽ تي داخلا ڏني ويندي

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

2 × 1 =