سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ هلندڙ بيڊمنٽن جو فائنل سنڌ يونيورسٽي کٽي ورتو

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ هلندڙ بيڊمنٽن جو فائنل سنڌ يونيورسٽي کٽي ورتو، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان جاري آل پاڪستان انٽريونيورسٽي بيڊمنٽن چيئمپين شپ زون ايڇ جو فائنل قائد عوام يونيورسٽي نواب شاهه ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري وچ ۾ ٿيو، جيڪو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري کٽي ورتو، سنڌ يونيورسٽي جي رانديگر جسافت علي اسٽريٽ سيٽ ۾ قائدعوام يونيورسٽي جي ڪاشف علي کي 21_14 ۽ 21_19 جي اسڪور تي شڪست ڏني، فائنل ۾ پهرين ۽ ٻي پوزيشن ماڻيندڙ ٽيمون ۽ ملڪي سطح جي ٿيندڙ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي بيڊمنٽن چيئمپين شپ جي ملڪ گير مقابلي ۾ اسلام آباد روانيون ٿينديون، جتي ملڪي يونيورسٽين جو تاج ماڻڻ لاءِ فائن مقابلا ٿيندا، اهڙي ريت زون ايڇ ۾ 7 يونيورسٽين جي ٽيمن مقابلا ڪيا، جن ۾ ميزبان سنڌ زرعي يونيورسٽي کان علاوه، سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، قائد عوام يونيورسٽي نواب شاهه ۽ اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد شامل آهن، هوڏانهن مهمان خاص ۽ سوشل سائنسز فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر اعجاز کونهارو کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ ٽيمن جي رانديگرن ۾ ٽرافي ۽ انعام ورهايا، اهڙي ريت ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادي ٽيمن ۽ راندين بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته راند ڏسڻ لاءِ استاد، شاگردن ۽ شوقينن جو وڏو انگ موجود هو.

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

17 − eleven =