خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ پهرين هاري ميلي ۽ نيشنل ڪانفرنس

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته زراعت ٿوري عرصي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، ۽ سنڌ حڪومت زراعت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ڪري رهي آهي، خيرپور ميرس ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ماتحت خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ پهرين هاري ميلي ۽ نيشنل ڪانفرنس آن ايگريڪلچر اينڊ لائيو اسٽاڪ دوران خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته خيرپور ۾ ايندڙ سال جي بجيٽ بعد جنرل ايگريڪلچر ڪاليج کي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ تبديل ڪيو ويندو، جڏهن ته خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي کي جنرل ايگريڪلچر ڪاليج ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته لاڙ سنڌ ۾ ڪڻڪ ڪي خريداري جا مرڪز کوليا ويا آهن ۽ ايندڙ هفتي تائين اتر سنڌ ۾ به خريداري مرڪز لوکيا ويندا، هن چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ 50 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي آبادگار 1300 روپين ۾ في مڻ وڪرو ڪري سگهندا، هن ٻڌايو ته اسان جي حڪومت کان اڳ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي شديد کوٽ هئي، ۽ پ پ پ کان اڳ واري صوبائي حڪومت پنجاب کان 2 لک ٽن ڪڻڪ اڌاري گهري، پر کين اها نه ملي، وڏي وزير چيو ته وزير اعظم نواز شريف جيڪب آباد جي دوري تي کائنس شڪايت ڪئي ته اوهان ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ اضافو ڪري پنجاب جي حڪومت کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي،هن ٻڌايو ته ڪڻڪ جي قيمتن ۾ اضافي ۽ آبادگارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ بعد گذريل سال 8 لک ٽن ڪڻڪ اضافي ٿي، جنهن کي وڪرو ڪرڻ به اسان لاءِ مسئلو ٿيو، هن چيو ته پ پ پ حڪومت کي زراعت کان گهڻي دلچسپي رهي آهي ۽ آبادگارن جي مسئلن کي ترجيعي بنيادن تي حل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته خيرپور کي اقتصادي زون بڻايو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام تمام بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ اتر سنڌ ۾ هن قسم جي ميلي سان هارين آبادگارن جي حوصله افزائي ٿيندي، هن چيو ته دريا جي کاٻي پاسي سارين جي فصل جي پوکي تي پابندي لڳائڻ سان ٻين فصلن جي پيدوارا بهتر ٿي ۽ زمين کي ڪلر ۽ سم جهڙن خدشن کان بچايو ويو، هن چيو ته خيرپور ۾ ڊيٽ پام ريسرچ سينٽر ۽ هارٽيڪلچر ريسرچ سينٽر ٺاهيا ويندا، ۽ لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ به زرعي ۽ لائيواسٽاڪ جي ادارن جي گهرجن توڙي اقتصادي زون ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪيو ويندو، هن چيو ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ڪافي مواقع ۽ صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان جو آبادگار پنجاب جي آبادگارن کان وڌيڪ اپت حاصل ڪري رهيو آهي، ان ڪري آبادگارن جي مسئلن کي ترجيعي بنيادن تي حل ڪيو پيو وڃي، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج احمد دراني چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خيرپور کي ايجوڪيشن سٽي بڻائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي هن ڪاليج ۾ هن هاري ميلي ۾ شريڪ ٿي انتهائي گهڻي خوشي ٿي آهي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي ڪوششن سان رٿيل هن ميلي ۽ ڪانفرنس کي ڏسي اهو حوصلو پيدا ٿيو آهي ته سنڌ جو آئيندو انتهائي روشن آهي، هن چيو ته خيرپور ۾ کجي، ڪڻڪ ۽ ٻين فروٽ ۽ فصلن جي آبادي ٿي رهي آهي، هن اداري جي اچڻ سان اسان جي غريب هارين جي مدد ٿيندي، هن چيو ته سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي آزادي جو بل پاس ڪيو هو، ۽ هاڻي زرعي ترقي ۽ آبادگارن جي معاونت جو بل پاس ۾ ڪرڻ ۾ سنڌ اسيمبلي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ حاضر آهي، هن چيو ته مثالي آبادگارن، زرعي ۽ آبادگارن جي ترقي ۾ جيڪو سفارشون پيش ڪيون آهن، آئون انهن سان سهمت آهيان، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته ڪانفرنس جو مقصد اتر سنڌ جي آبادگارن کي تحقيقي ۽ نوجوان کي تدريسي مامرن بابت شعور پيدا ڪرڻ آهي، هن چيوته هي ڪاليج ايگريڪلچرل انجنيئرنگ بابت جوڙيو ويو هو، جنهن کي هاڻي جنرل ايگريڪلچر ڪاليج ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير کي گذارش ڪئي آهي، جڏهن ته هي ادارو ڪئمپس ۾ تبديل ٿيڻ سان اتر سنڌ ۾ زرعي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندو، هن چيو پاڻي جي موجودگي ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ اسرائيل، انڊيا، ۽ ارجينٽينا وڌيڪ فائدو حاصل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ اسان گهٽ پيدواري حاصل پيا ڪريون، ان ڪري اسان کي واٽرمينيجمينٽ کي هٿي ڏيڻي پوندي، هن چيو ته خيرپور ۾ اسٽرابري، پپيتو، ڏاڙهون،انگور ۽ ٻيا ماحول جي مناسبت نه رکندڙ فروٽ پيدا ڪري سگهون ٿا ۽ ان تي تحقيقي ڪم به شروع ٿي ويو آهي، هن چيو ته جديد زراعت ملڪي زرعي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڃان به ان ۾ ڪافي گنجائش موجود آهي، هن چيو ته هن ڪاليج جي توسيع، عمر ڪوٽ ۽ بدين ۾ ڪاليجن جي کلڻ سان سنڌ جي زرعي ترقي ۾ ۾ اهم سنگ ميل هوندو، مثالي آبادگار غلام قاسم جسڪاڻي چيو ته آبادگارن سان لاڳاپيل مسئلي تي ڳالهائيندي وڏي وزير کي تجويزون ڏنيون ته هارٽيڪلچر ريسرچ سينٽر سنڌ ۾ صرف ميرپورخاص ۾ آهي، ان ڪري خيرپور ۾ اپرسنڌ جي آبادگارن کي سهولت لاءِ قائم ڪيو وڃي، خيرپور ۾ زرعي انجنيئرنگ ورڪشاپ موجود آهي، آبادگارن کي زرعي آلات هتي ڏيڻ لاءِ اختيار ڏنا وڃن، ڊرپ ايريگيشن سسٽم کي متعارف ڪرايو وڃي، ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر عبدالله آريجو، پروفيسر ابو ساجد محمد سمون ۽ ٻين به خطاب ڪيو، ان موقعي تي مختلف فيڪلتين جا ڊين ڊاڪٽر نور محمد سومرو، ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي، ڊاڪٽر صغير احمد شيخ، ڊاڪٽر اعجاز کونهارو، ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر ابراهيم ڪيريو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ڪانفرنس جي ٻي ويهڪ ۾ ٽيڪنيڪل سيشن ٿيو، جنهن ۾ مخلتف ماهرن، زراعت جي مختلف شعبن ۾ مقالا پڙهيا، جڏهن ته پروگرام ۾ ملهه جا پروگرام، ڪنڍي مينهن، ڳاڙهي ۽ آسٽريلين ڳئون، ۽ ڪاموري ٻڪري جي نسلن جي واڪ ۽ خوبصورت پکين جي نمائش پڻ ڪئي وئي، هوڏانهن هنيل اسٽالن ۾ بئنڪنگ سيڪٽر، ايگريڪلچر ريسرچ، ايڪسٽينشن، خانگي زرعي دوائن، انجنيئرنگ، پيسٽيسائيڊ، سيڊ ۽ فرٽيلائزر جي ڪمپنينن، يونيورسٽي جي مختلف شعبن، هٿ جي هنرن، کجي مان ٺهندڙ ثقافتي شين ۽ ڀرت جي مختلف هنرن جا اسٽال هنيا ويا هئا، جڏهن ته عورتن ۽ سماجي تنظيمن پاران مختلف اسٽال هنيا ويا هئا، اهڙي ريت ڪانفرنس ۾ سٺا اسٽال هڻندڙ، سٺا جانور آڻيندڙ ڀاڳين ۾ انعام به ورهايا ويا، ٻئي طرف يونيورسٽي پراڻن شاگردن المنائي ويهڪ به ٿي، جڏهن ته شام جو صوفي راڳي ۾ سيد وزير علي شاهه ۽ ٻين راڳين  محفل کي گرمائي ڇڏيو، ڪانفرسن ۾ ملڪي زرعي. آبپاشي، ماحوليات. زرعي انجنيئرن ۽ لائيو اسٽاڪ جا ماهرن، خانگي ۽ سرڪاري ادارن جي وڏي تعداد ۾ هارين آبادگارن ۽ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

2 + 8 =