آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي بيڊمنٽن چئمپين شپ زون ايڇ شروع ٿي وئي آهي

ٽنڊوڄام (پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي بيڊمنٽن چئمپين شپ زون ايڇ شروع ٿي وئي آهي،  سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي زيراهتمام هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي سهڪار سان شروع ٿي وئي آهي، چئمپين شپ ۾ سنڌ جون 7 يونيورسٽيون شرڪت ڪري رهيون آهن،جن ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، قائد عوام يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد، اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ميزبان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جون ٽيمون شامل آهن. چئمپين شپ جو افتتاح سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ ڪيو رڪيٽ سان ڪيو. ان موقعي تي ڪراپ پراڊڪشن فئڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر صغير احمد شيخ، ڪراپ پروٽيڪشن فئڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي، اينيمل هسبنڊري اينڊ وٽرنري سائنسز جو ڊين ڊاڪٽر نور محمد سومرو، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جو ڊين ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، ڊاڪٽر عبدالله آريجو، ڊاڪٽر بچل ڀٽو سميت استادن، شاگردن جو وڏو انگ پڻ موجود هئا. ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار احمد خانزادي مهمان خصوصي سان ٽيمن جو تعارف ڪرايو ۽ ۽ ثقافتي سوکڙي اجرڪ پيش ڪيو. چئمپين شپ جو پهريون مئچ سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڄامشورو وچ ۾ کيڏيو ويو جيڪو مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڄامشورو کٽي ورتو، ٻيو مئچ قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۽ اسريٰ يونيورسٽي جي وچ ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ڪاميابي حاصل ڪئي.

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

20 − eight =