هائير ايجوڪيشن جي سهڪار سان ٿيندڙ چئمپين شپ ۾ مقابلن لاءِ پشاور رواني، ٽيم ۾ 6-رانديگر شامل

 

ٽنڊوڄام(پريس رليز)سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ايٿليٽ ٽيم، هائير ايجوڪيشن جي سهڪار سان ٿيندڙ چئمپين شپ ۾ مقابلن لاءِ پشاور رواني، ٽيم ۾ 6-رانديگر شامل، انوار خانزادو اڳواڻي ڪندو، خبر موجب  آل پاڪستان انٽر يونيورسٽيز ايٿليٽ چيمپئن شپ ۾ شرڪت لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ايٿليٽ ٽيم 29 فئبروري کان 3-مارچ 2016 تائين پشاور ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺندي، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار خانزادي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي  جي ايٿليٽ ٽيم جو اعلان ڪيو،  ٽيم ۾ محمد ذاڪر بلوچ، جلال رسول بلوچ، عرفان احمد ابوپوٽو، اعجاز احمد، وقار احمد، ۽ ريحان علي شامل آهن.، زرعي يونيورسٽي جي ايٿليٽ ٽيم جو مينجر انوار خانزادو ۽ ڪوچ عبدالتوحيد هوندا، ياد رهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان پشاور يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ يونيورسٽي جي قيوم اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ چيمپئن شپ ٿيندي، جنهن ۾  ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جا رانديگر شريڪ ٿي رهيا آهن.

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

3 × 2 =