استاد ڊاڪٽر عمران کتري پاران انٽامولوجي جي مضمون تي سنڌي ۽ اردو ۾ ترتيب ڏنل ٻن ڪتابن

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي استاد ڊاڪٽر عمران کتري پاران انٽامولوجي جي مضمون تي سنڌي ۽ اردو ۾ ترتيب ڏنل ٻن ڪتابن جي تعارفي مختصر تقريب وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي آفيس ۾ ٿي، ڊاڪٽر کتري وائيس چانسلر کي ڪتاب ڏنا، ان موقعي تي ماهرن سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته زراعت جي ترقي ۾ جتي ماهرن جو اهم ڪردار آهي، اتي سندن ڪيل تجربا ڪتابن جي صورت ۾ هارين  توڙي شاگردن جي مدد ۾ اهم ڪم سرانجام ڏيندا آهن، هن چيو ته ڊاڪٽر کتري جي انٽامولجي تي تحرير ڪيل ڪتاب خاص طور تي مقامي هارين ۽ شاگردن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا، ان موقعي تي ڪتابن بابت تفصيل ٻڌائيندي ڊاڪٽر کتري چيو ته انٽامولجي تي مرتب ڏنل ڪتاب جو انگريزي نسخو 20-سال اڳ تحرير ڪيو ويو هو، هن ڪتاب جي موجودگي سان شاگردن ۽ مثالي آبادگارن جي معاونت ٿيندي.ان موقعي تي فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي ۽ ٻيا به موجود هئا.

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

3 × five =