آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي فٽبال زون ايڇ چئمپين شپ اڄ کان شروع ٿيندي

 

 

ٽنڊوڄام (پ ر) آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي فٽبال زون ايڇ چئمپين شپ  اڄ کان شروع ٿيندي، سنڌ جون ست يونيورسٽيون مقابلو ڪنديون، خبر موجب هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي فٽبال چئمپين شپ 2016ع زرعي يونيورسٽي جي فٽبال گرائونڊ تي اڄ کان شروع ٿي رهي آهي، جيڪا 21 فيبروري تائين جاري رهندي، چئمپين شپ جو افتتاح سنڌ زرعي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي بال کي ٿڏو هڻي ڪندو، هن چئمپين شپ ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه، اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ميزبان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ٽيمون مقابلو ڪنديون. چئمپين شپ جون ونر ۽ رنر ٽيمون انٽر يونيورسٽي جي فائنل رائونڊ  لاءِ ڪواليفائي  ڪنديون، فائنل لاءِ سڄي ملڪ جي يونيورسٽين تي ٻڌل مختلف زونز مان ونر ۽ رنر جون ڪل 16-ٽيمون 10 مارچ 2016 تي ڪامسيٽ COMSET  جي نگراني هيٺ لاهور ۾ ۾ ٿيندڙ فائنل لاءِ مقابلو ڪنديون.

 

 

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

13 − 4 =