ايجوڪيشن ڪميشن جي اسپورٽس اسڪالر شپ

 

اسپورٽس نيوز

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ يونيورسٽي جي نيٽ بال ٽيم جي رانديگرن کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي  اسپورٽس اسڪالر شپ جا چيڪ ورهايا. خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ رانديگرن نجف ساٽي ۽ ڪامل راجپوت، جيڪي ايڇ اي سي جي نيٽ بال ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيا هئا، هائير ايجوڪيشن ڪميشن  پاران ٻي پوزيشن حاصل ڪرڻ تي نيٽ بال ٽيم کي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ايڇ اي سي اسڪالر شپ ايوارڊ ڪئي وئي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر پنهنجي آفيس ۾ ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادي، يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ رانديگرن نجف ساٽي ۽ ڪامل راجپوت کي چيڪ ڏنا،  آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي جي ٿيندڙ راندين دوران سڀني ٽيمن مان هائير ايجوڪيشن ڪميشن  جي جوڙيل ٽيمن مان رانديگرن کي ميرٽ تي چونڊيو ويندو آهي، جيڪي نيشنل چئمپين شپ ۽ نيشنل گيمز ۾ حصو وٺندا آهن. ياد رهي ته اهڙي چئمپين شپ حميري هال اسلام آباد ۾ پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن تحت کيڏي وئي. ۽ ٻنهي رانديگرن نيشنل چئمپين شپ نيٽ بال ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي،

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

seventeen − 9 =