داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ 31 جنوري تي پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ٿيندي

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ نئين داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ 31 جنوري تي پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ٿيندي، اميدوارن کي داخلا پاس جاري ڪيا ويا، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي داخلائن بابت ڊائريڪٽر پڌرو ڪيو آهي ته يونيورسٽي ۽ ان سان سلهاڙيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۽ خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ 31 جنوري 2016 تي پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ٿيندي، جنهن لاءِ ڪاغذي گهرجون پوريون ڪندڙ اميدوارن کي سندن درج ڪيل ايڊريسن تي انٽري ٽيسٽ پاس پوسٽ وسيلي روانيون ڪيون ويون آهن، اهڙا اميدوار جن کي ڪنهن سبب جي ڪري پاس ناهي ملي سگهي، اهي آفيس وقتن ۾ 27 کان 29 جنوري تائين پنهنجون سلپون ڊائريڪٽر ايڊميشنز جي آفيسر مان دفتري وقتن دوران وصول ڪري سگهن ٿا، بنا پاس جي ڪنهن به اميدوار به انٽريٽسٽ ۾ ويهڻ جو اجازت نه هوندي.

 

تاريخ: 22-1-2016                                                      پبلڪ رليشنز آفيسر

 

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

one × two =